اينڊرائيڊ اسمارٽ فون عام طور تي ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪندو رهي ٿو، خاص طور تي جيستائين ان جي بيٽري جي عمر ختم نه ٿي وڃي.
جڏهن بيٽري مڪمل طور تي ختم ٿي وڃي ۽ توهان فون کي ڊگهي عرصي تائين آن يا چارج نه ڪريو، ته پوءِ مختلف مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
اسمارٽ فونن ۾ عام طور تي ليٿيم آئيون بيٽريون استعمال ٿينديون آهن، جيڪي ٻيهر چارج ڪري سگهجن ٿيون، پر انهن جي چارجنگ جي صلاحيت محدود هوندي آهي. عام طور تي اهي ڪجهه سئو کان هڪ هزار ڀيرا چارج ٿيڻ تائين سٺي ڪارڪردگي ڏين ٿيون، جنهن جو دارومدار ڊوائيس تي هوندو آهي.
ان حد کان پوءِ بيٽري جي ڪارڪردگي گهٽجڻ شروع ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن ليٿيم آئيون بيٽري کي گهڻي عرصي تائين چارج نه ڪيو وڃي ته اها ڦوڪجي (سُڄي) به سگهي ٿي.
ساڳئي طرح جيڪڏهن بيٽري کي هر وقت چارجنگ تي لڳايو وڃي ته ان سان به بيٽري کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
بيٽري ڇو ڦوڪجي ويندي آهي؟
جيڪڏهن فون کي بند ڪري ڊگهي عرصي لاءِ رکي ڇڏيو وڃي ۽ پوءِ ڪجهه مهينن بعد ان کي چارج ڪري آن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ته سڀ کان عام مسئلو بيٽري جو ڦوڪجي وڃڻ هوندو آهي.
بيٽري ڦوڪجڻ باوجود ڪجهه وقت تائين ڪم ڪري سگهي ٿي، پر ان جي وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
جيڪڏهن فون چارج نه ٿئي ته ان جو مطلب ٿي سگهي ٿو ته بيٽري مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي يا چارجنگ ڪيبل يا پورٽ ۾ خرابي آهي.
جيڪڏهن بيٽري ڦوڪجي وئي هجي ته ان کي تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر جيستائين اها صحيح ڪم ڪري رهي هجي، تيستائين معمولي ڦوڪجڻ وڏو مسئلو نه هوندو.
فون جي بيٽري کي بهتر حالت ۾ ڪيئن رکجي؟
جيڪڏهن اينڊرائيڊ فون کي ڪجهه عرصي تائين استعمال نه ڪرڻو هجي، مثال طور نئون فون وٺڻ بعد پراڻو فون محفوظ ڪري رکڻو هجي، ته ان کي هر ڪجهه هفتن بعد چارج ڪرڻ گهرجي.
گهڻي عرصي تائين چارج نه ڪرڻ سان بيٽري ڪمزور ٿي ويندي آهي.
جيڪڏهن فون آن نه ٿئي ته پوءِ ان کي ڪنهن سروس سينٽر تان چيڪ ڪرائڻ جي ضرورت پوندي.
هڪ حل پراڻي بيٽري کي تبديل ڪرائڻ به آهي. ان کان علاوه روزاني استعمال دوران به بيٽري کي هر ڀيري 100 سيڪڙو تائين چارج ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
بار بار بيٽري کي 100 سيڪڙو چارج ڪرڻ سان ان جي عمر تيزيءَ سان گهٽجي سگهي ٿي. ڪيترين ئي ڪمپنين جو مشورو آهي ته بيٽري کي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو تائين چارج رکڻ بهتر هوندو آهي.