ڪراچي، پاڪستان
16 دسمبر 2025
”علم حاصل ڪريو، پينگهي کان قبر تائين“—79 ورهين جي ٿر واسي رٽائرڊ استاد قانون جي ڊگري حاصل ڪئي

”علم حاصل ڪريو، پينگهي کان قبر تائين“—79 ورهين جي ٿر واسي رٽائرڊ استاد قانون جي ڊگري حاصل ڪئي

ڪراچي—ٿرپارڪر سان واسطو رکندڙ سرڪاري اسڪول جي رٽائرڊ استاد سُک رام داس، عمر 79 سال، ڪراچي يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ هيلاريو پير ۾ رهندڙ سُک رام داس، جيڪي اٺ پٽرن ۽ هڪ نياڻي جا والد آهن، 74 ورهين جي عمر ۾ قانون واري شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ پنجن سالن جي محنت بعد 79 ورهين ۾ پنهنجي ڊگري حاصل ڪئي.

سُک رام داس جو مثال ڏيکاري ٿو ته عمر سکڻ لاءِ رڪاوٽ ناهي ۽ مسئلن جو حل ڳولڻ سان نئين نسل لاءِ عملي سبق قائم ڪري سگهجي ٿو. هن پنهنجي زندگي جي سفر سان ثابت ڪيو آهي ته علم حاصل ڪرڻ جو عمل پينگهي کان قبر تائين جاري رکي سگهجي ٿو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو: