ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
آسٽريلوي اداڪارا جا ڪيٽي پيري تي هراساني جا الزام، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

آسٽريلوي اداڪارا جا ڪيٽي پيري تي هراساني جا الزام، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور گلوڪارا ڪيٽي پيري هڪ نئين تڪرار جي ور چڙهي وئي، آسٽريلوي اداڪارا روبي روز جي مٿس سنگين الزامن کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب روبي روز سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پوسٽن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيترائي سال اڳ ميلبورن جي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ مون سان نامناسب رويو اختيار ڪيو ويو، مان ان واقعي تي وڏي عرصي کان چُپ رهيس پر هاڻ ان بابت ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته مان پنهنجون سموريون رپورٽون مڪمل ڪري چڪي آهيان ۽ هاڻ پوليس جي هدايت موجب ان معاملي تي وڌيڪ عوامي گفتگو نٿي ڪري سگهان.

آسٽريلوي پوليس تصديق ڪئي آهي ته ان مبينا واقعي جي جاچ جاري آهي، ميلبورن جي جنسي هراساني بابت انويسٽيگيشن ٽيم جاچ ڪري رهي آهي، اهو واقعو مبينا طور 2010 ۾ پيش آيو.

هوڏانهن ڪيٽي پيري جي ٽيم اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته روبي روز ماضي ۾ به مختلف شخصيتن تي سنگين الزام هنيا، جيڪي لاڳاپيل ماڻهن رد ڪيا.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
مومنه اقبال هراساني ڪيس: ليگي ايم پي اي سان لاڳاپن ۽ تڪرار جون تفصيلون سامهون اچي ويون۔
مومنه اقبال هراساني ڪيس: ليگي ايم پي اي سان لاڳاپن…
22 May 2026
بنگلاديش ۾ سنهري وارن وارو هڪ ڀينسو، جنهن کي “ڊونلڊ ٽرمپ” جو نالو ڏنو ويو آهي، سوشل ميڊيا اسٽار بڻجي ويو آهي۔
بنگلاديش ۾ سنهري وارن وارو هڪ ڀينسو، جنهن کي “ڊونل…
22 May 2026
“مون صرف هڪ انسان سان محبت ڪئي” — مومنہ اقبال جي پراڻي وڊيو وائرل
“مون صرف هڪ انسان سان محبت ڪئي” — مومنہ اقبال جي پ…
23 May 2026
وڌندڙ عمر جي دٻاءُ کي ڪيئن سنڀالجي؟ احسن خان جو اداڪارن لاءِ مشورو
وڌندڙ عمر جي دٻاءُ کي ڪيئن سنڀالجي؟ احسن خان جو اد…
23 May 2026
ممبئي ۾ Amitabh Bachchan جي هڪ جهاتي ڏسڻ جي انتظار ۾ مداح بيهوش ٿي ويو
ممبئي ۾ Amitabh Bachchan جي هڪ جهاتي ڏسڻ جي انتظار…
25 May 2026
ڪنهن جا 6 ته ڪنهن جا 9 ٻار آهن، الله ملڪ تي رحم ڪري: بشرا انصار
ڪنهن جا 6 ته ڪنهن جا 9 ٻار آهن، الله ملڪ تي رحم ڪر…
30 May 2026
 سالن کان پوءِ مس فرانس مس يونيورس 2026 جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔
سالن کان پوءِ مس فرانس مس يونيورس 2026 جي مقابلي …
30 May 2026
مشهور ڀارتي ڳائڻي سمن ڪليانپور 89 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
مشهور ڀارتي ڳائڻي سمن ڪليانپور 89 ورهين جي عمر ۾ ل…
01 Jun 2026
’ڊولا رے‘ گاني جي شوٽنگ دوران حامله هجڻ جي دعويٰ، مادھوري ڊڪشت خاموشي ٽوڙي ڇڏي
’ڊولا رے‘ گاني جي شوٽنگ دوران حامله هجڻ جي دعويٰ، …
01 Jun 2026
شهزاد نواز چيو ته ڪرنسي نوٽن تان قائداعظم جي تصوير هٽائي وڃي، آخر هن ائين ڇو چيو؟
شهزاد نواز چيو ته ڪرنسي نوٽن تان قائداعظم جي تصوير…
02 Jun 2026