ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي

موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن سبب ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ سان گڏ برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. موسميات کاتي موجب پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 3 کان 6 آڪٽوبر تائين هلڪي ۽ وچولي شدت جي برسات پوندي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به ٿي سگهي ٿو، جيڪو زرعي علائقن ۾ فصلن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد سميت ٻين شهرن ۾ برسات سبب روڊن تي پاڻي گڏ ٿيڻ ۽ شهري ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي. خيبر پختونخواهه ۾ به 2 کان 7 آڪٽوبر تائين برسات جو سلسلو جاري رهڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته سوات، مانسهره، ايبٽ آباد ۽ دير جهڙن پهاڙي علائقن ۾ تيز برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا خطرا موجود آهن، جنهن سبب مقامي آبادي ۽ مسافرن کي خاص احتياط ڪرڻي پوندي. ساڳي ريت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 2 ۽ 3 آڪٽوبر تي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 4 کان 7 آڪٽوبر دوران مٿاهين علائقن ۾ برفباري ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. برفباري سبب رستن جي بندش ۽ ٽريفڪ جي روانگي ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. سنڌ ۾ به برساتن جو هڪ سلسلو اڄ رات کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 3 آڪٽوبر تائين جاري رهي سگهي ٿو. ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽو ۽ ميرپورخاص سميت ٻين ضلعن ۾ تيز برساتن سبب نشيبي علائقن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ، ٽريفڪ جام ۽ بجلي جي فراهمي ۾ وقفي وقفي سان معطلي جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. مقامي انتظاميا کي خبردار ڪيو ويو آهي ته نيڪالي واري نظام کي بهتر بڻائي عوام کي سهولت فراهم ڪئي وڃي. بلوچستان ۾ 4 کان 6 آڪٽوبر دوران تيز هوائن ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. تربت، گوادر، پسني ۽ اورماڙي سميت ساحلي علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جنهن سبب سامونڊي لهرون بلند ٿي سگهن ٿيون. ماہیگيرن کي به احتياط ڪرڻ ۽ سامونڊي سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته مسلسل برساتن جي نتيجي ۾ نچن علائقن ۾ شهري ٻوڏ، ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ پهاڙي علائقن ۾ لٿاڻ جا خطرا وڌي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ فصلن کي نقصان پهچڻ، بجلي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ، ٽريفڪ حادثن ۾ اضافو ۽ روزمره جي زندگي متاثر ٿيڻ جا امڪان به موجود آهن. کاتي ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته هو غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، پاڻي وارن هنڌن کان پري رهن ۽ ايمرجنسي حالتن ۾ مقامي انتظاميا سان رابطو ۾ رهن
ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون …
28 Sep 2025
ريا چڪرورتي: شوبز ڇڏي بزنس ۾ هڪ ڪروڙ کان 40 ڪروڙ تائين ڪاميابي حاصل
ريا چڪرورتي: شوبز ڇڏي بزنس ۾ هڪ ڪروڙ کان 40 ڪروڙ ت…
08 Dec 2025
”علم حاصل ڪريو، پينگهي کان قبر تائين“—79 ورهين جي ٿر واسي رٽائرڊ استاد قانون جي ڊگري حاصل ڪئي
”علم حاصل ڪريو، پينگهي کان قبر تائين“—79 ورهين جي …
08 Dec 2025
لڳو ته سڀ ختم ٿي ويندو “ اڪشي ڪمار ماضيءَ جي غلطي تي شرمسار، سڄي حقيقت ٻڌائي ڇڏيائين
لڳو ته سڀ ختم ٿي ويندو “ اڪشي ڪمار ماضيءَ جي غلطي …
17 Feb 2026
ڏسندڙ بالي ووڊ جي پروپئگينڊا فلمن پٺيان لِڪل سچ ڄاڻڻ کان لاچار آهن: نواز الدين صديقي
ڏسندڙ بالي ووڊ جي پروپئگينڊا فلمن پٺيان لِڪل سچ ڄا…
17 Mar 2026
”ڊگهي انتظار کانپوءِ مون کي جيون ساٿي ملي ويو“ فضا علي ٽين شادي ڪري ڇڏي
”ڊگهي انتظار کانپوءِ مون کي جيون ساٿي ملي ويو“ فضا…
23 Mar 2026
نورا فتيحي جي جُهمر تي ڀارت ۾ ممڻ مچي ويو، گاني تي پابندي، فتويٰ به جاري!
نورا فتيحي جي جُهمر تي ڀارت ۾ ممڻ مچي ويو، گاني تي…
24 Mar 2026
“منهنجي شادي _منهنجي مرضي” ڪيرتي ميڊيا مٿان ڏمرجي پئي
“منهنجي شادي _منهنجي مرضي” ڪيرتي ميڊيا مٿان ڏمرجي …
03 Apr 2026
دبنگ اداڪار سلمان خان تقريب دوران رش ۾ ڦاسي پيو
دبنگ اداڪار سلمان خان تقريب دوران رش ۾ ڦاسي پيو
03 Apr 2026
فواد ۽ عائزا پهريون ڀيرو اسڪرين تي گڏ نظر ايندا، مداح بيچين
فواد ۽ عائزا پهريون ڀيرو اسڪرين تي گڏ نظر ايندا، م…
16 Apr 2026