نئين دهلي—بالي ووڊ اداڪارا ريا چڪرورتي اداڪاري ڇڏي بزنس جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. 33 ورهين جي ريا اداڪاري ڇڏڻ جو فيصلو سشانت سنگهه راجپوت جي موت کانپوءِ پيدا ٿيل ميڊيا تڪرار ۽ عوامي ردعمل سبب ڪيو.
ريا چڪرورتي پنهنجي زندگي ۽ ڪيريئر کي نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ 2024 ۾ پوڊ ڪاسٽ ۽ ڪپڙن جو آن لائن برانڊ لانچ ڪيو. هڪ ڪروڙ جي سيڙپڪاري سان شروع ٿيل بزنس، محنت کانپوءِ هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ 40 ڪروڙ جي قيمت تائين پهچي ويو. اداڪارا ڪاميابي کانپوءِ ممبئي جي علائقي باندرا ۾ برانڊ جو پهريون اسٽور پڻ کوليو آهي.
انٽرويو دوران ريا چڪرورتي ٻڌايو ته گرفتاري ۽ سخت تجربن کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته لباس پڻ اظهار جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، ۽ انهيءَ سوچ سان هن پنهنجي پيشه ورانه زندگي ۾ واپسي جو رستو ڳولي ورتو. هن چيو، “گرفتاري کانپوءِ منهنجو ڪيريئر تباهه ٿي ويو، آڇون بند ٿي ويون، پر پوءِ مون ماڻهن جو آواز بڻجڻ جو فيصلو ڪيو.”
ريا جو سفر شوبز کان بزنس تائين، محنت، حوصلي ۽ نئين موقعن کي ڳولڻ جي عظيم مثال آهي.