رويت هلال ريسرچ ڪائونسل پاڪستان ۾ محرم الحرام جي چنڊ بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي موجب نئون چنڊ 15 جون 2026 تي پاڪستاني وقت مطابق صبح 7 وڳي 54 منٽن تي پيدا ٿيندو.
پر ان ئي ڏينهن سج لهڻ وقت پاڪستان جي سڀني علائقن ۾ چنڊ جي عمر 12 ڪلاڪن کان به گهٽ هوندي.
خالد اعجاز مفتي چيو ته هلال ڏسڻ لاءِ عام طور تي چنڊ جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلاڪ هجڻ ضروري سمجهي ويندي آهي، تنهنڪري يڪم محرم الحرام اربع 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي.