حافظ آباد ۾ هڪ رکشا ڊرائيور چالان ٿيڻ تي احتجاج طور پنهنجي رکشي کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس موجب ريلوي ڦاٽڪ ويجهو ٽريفڪ وارڊن طرفان رکشا ڊرائيور جو چالان ڪيو ويو، جنهن تي هو سخت ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي. رکشا ڊرائيور جو چوڻ هو ته روزاني لڳندڙ ڳرن ڏنڊن کان تنگ ٿي هن اهو قدم کنيو. ٻئي طرف ڊي پي او ڪامران حميد موجب واقعي کان پوءِ لاڳاپيل ٽريفڪ وارڊن کي معطل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.