ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي خلاف ڪارروائي جي پهرين ڏينهن 96 چالان جاري ڪيا ويا. رپورٽ موجب سڀئي چالان ميٽروپول کان ايئرپورٽ ويندڙ ۽ ايندڙ روڊ تي ڪيا ويا. پهرين جون تي 11 مختلف قسمن جي گاڏين جا فيس ليس چالان جاري ڪيا ويا، جن ۾ وڏيون بسون، ڪوسٽر، ڊبل ڪيبن، مني بسون، مني ٽرڪون، سوزوڪي پڪ اپ، ٽرڪون، وينون ۽ واٽر ٽينڪر شامل هئا. سڀ کان وڌيڪ 43 موٽر سائيڪلن جا چالان ڪيا ويا. رپورٽ موجب سڀئي چالان ممنوعه لين ۾ گاڏي هلائڻ سبب ڪيا ويا، جڏهن ته فاسٽ لين ۾ سست رفتار سان گاڏي هلائڻ تي به فيس ليس چالان جاري ڪيا پيا وڃن.