ڪوئٽہ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا۔ پوليس موجب واقعو چڪي شاهواني واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي۔ فائرنگ سبب پيءُ، سندس ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي موقعي تي ئي حياتي وڃائي ويٺا۔ افسوسناڪ واقعي خلاف وارثن باديني پل ڀرسان احتجاج ڪيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته پوليس اختيارين متاثر خاندان کي هر ممڪن سهڪار ۽ قانوني ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي۔