موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هن وقت موسم گرم ۽ نمي واري آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 2 جون تي ايم-9 موٽروي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات جي وقت تيز هوائون هلي سگهن ٿيون.
ان کان علاوه 2 جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي خيرپور، سانگهڙ، نواب شاهه ۽ نوشهروفيروز جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن سان هلڪي کان وچولي شدت واري برسات پوڻ جو امڪان آهي.