وفاقي حڪومت پاران ايندڙ مالي سال 2026-27 جي وفاقي بجيٽ ۾ سولر پينلن تي جي ايس ٽي 10 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ ۽ اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين تي جنرل سيلز ٽيڪس هڪ سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته موٽر سائيڪلن، رڪشن، ٽرڪن ۽ بسن سميت اليڪٽرڪ پڪ اپ، ٽريڪٽر ۽ ڊبل ڪيبن گاڏين تي به ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جي تجويز آهي۔
ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ سبب سولر پينلن، اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران ڪنهن به قسم جي ٽيڪس ڇوٽ جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، البت حڪومت اڃا به آءِ ايم ايف کي ماحول دوست توانائي بابت رليف ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شعبي ۾ ٽيڪس رليف ضروري هجي ته ان سان ٿيندڙ آمدني جي نقصان کي متبادل ذريعن ذريعي پورو ڪرڻ لاءِ به قابل عمل قدم کنيا وڃن، ۽ اهڙين حالتن ۾ ئي رليف ڏنو وڃي۔
ذريعن موجب هيل تائين جي تجويزن مطابق ايندڙ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ ۾ ٽيڪسن جي شرح وڌائڻ جي تناظر ۾ سولر پينلن، اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين جي قيمتن ۾ واڌ جو خدشو آهي۔
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف اليڪٽرڪ گاڏين تي جنرل سيلز ٽيڪس هڪ سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته هائبرڊ گاڏين تي ٽيڪس 8 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي۔
مجوزه منصوبي تحت سولر پينلن تي جي ايس ٽي 10 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اليڪٽرڪ ڪارن، موٽر سائيڪلن، رڪشن، ٽرڪن ۽ بسن سميت ٻين اليڪٽرڪ گاڏين جي قيمتن ۾ نمايان واڌ متوقع آهي۔
اليڪٽرڪ پڪ اپ، ٽريڪٽر ۽ ڊبل ڪيبن گاڏين تي به ٽيڪس ۾ واڌ جي تجويز غور هيٺ آهي۔
ذريعن موجب ٽيڪسٽائل شعبي حڪومت کان 327 ارب رپين جا ريفنڊ فوري طور جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔
صنعتڪارن ٽيڪس، بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ گهٽتائي جي به اپيل ڪئي آهي۔ امڪاني قدمن سان برآمد ڪندڙن کي 100 ارب رپين تائين رليف ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته برآمدي شعبي لاءِ ڪنهن وڏي رليف پيڪيج جا امڪان هيل تائين محدود آهن۔