پشاور: خيبر پختونخوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 20 کان وڌيڪ ميمبرن صوبائي اسيمبلي وزيراعليٰ سهيل آفريدي کان ناراض هجڻ جو اظهار ڪيو آهي۔
ذريعن موجب ناراض ميمبرن جو شڪايت آهي ته صوبي ۾ حڪمراني ۽ امن و امان جي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ بيوروڪريسي کان پنهنجون ڳالهيون مڃرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن ۽ آفيسر وزيراعليٰ بدران وفاق جون هدايتون مڃي رهيا آهن۔
ناراض ميمبرن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا پنهنجا تحفظات وزيراعليٰ آڏو رکيا ويا، پر انهن تي عمل نه ٿي سگهيو۔ فنڊز جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ ڪابينا جي واڌ بابت به ناراض ميمبرن کي سخت خدشا آهن۔
ذريعن موجب انهن تحفظات ۽ آئنده حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ ناراض ميمبرن جو جلد اجلاس سڏائڻ جو امڪان آهي۔
ٻئي طرف خيبر پختونخوا جي اطلاعات واري وزير شفيع جان صوبائي حڪومت بابت خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته ميمبرن جي گروپ بندي بابت خبرون ڪوڙيون، بي بنياد ۽ من گهڙت آهن۔ هن چيو ته اهڙو خواب ڏسڻ وارا مايوس ٿيندا۔
سندس چوڻ هو ته سڀئي ميمبر وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي قيادت ۾ متحد آهن ۽ پُرعزم آهن، جڏهن ته وزيراعليٰ کي باني پي ٽي آءِ جو مڪمل اعتماد حاصل آهي۔