ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
سرڪاري ملازمن لاءِ بُري خبر

سرڪاري ملازمن لاءِ بُري خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر کي اهو اختيار ڏنو ويندو ته هو اهڙن سرڪاري ملازمن جي ڇنڊڇاڻ ۽ جاچ ڪئي وڃي جن جا اثاثا جائز آمدني ذريعن کان وڌيڪ هجن، خاص طور تي جيڪڏهن هو لاڳيتو ٽن سالن تائين اثاثن جا گوشوارا جمع ڪرائيندا رهن.

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سينيٽ جي ناڻي ۽ ٽيڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) تي ٻڌل نگراني وارو نظام سرڪاري آفيسرن جي دولت ۽ اثاثن ۾ غير معمولي واڌ تي ”ريڊ فليگ“ الرٽس جاري ڪندو.

وفاقي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، نبيل اعواڻ پارليامينٽ ميمبرن کي ٻڌايو ته ڊسمبر 2026 کان گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جي سمورن سرڪاري آفيسرن جي اثاثن ۽ مالي تفصيلن کي هڪ ڊيجيٽل ڊڪليريشن سسٽم ذريعي عوام لاءِ دستياب ڪيو ويندو، جيڪو ايف بي آر جي مشوري سان تيار ڪيو پيو وڃي.

تجويز ڪيل نظام تحت سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي خاندان جي اثاثن ۽ پرڏيهي دورن جا تفصيل پڻ فراهم ڪرڻا پوندا.

ايف بي آر جي اعليٰ اختيارين سميت چيئرمين ۽ ميمبر انلينڊ روينيو، کي اختيار هوندو ته هو اَي آءِ جي مدد سان ٿيندڙ ڇنڊڇاڻ دوران اثاثن ۾ شڪي يا غير معمولي واڌ جي صورت ۾ جاچ شروع ڪري سگهن.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي وئي۔
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏ…
30 May 2026
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪ…
30 May 2026
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه ايم پي ايز ناراض، ناراض ميمبرن جو اجلاس جلد ٿيڻ جو امڪان
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه …
30 May 2026
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
30 May 2026
 جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان 2
جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برس…
01 Jun 2026
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سبب اليڪٽرڪ بس سروس جزوي طور متاثر
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سب…
01 Jun 2026
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
01 Jun 2026
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪيترا چالان ٿيا؟ رپورٽ جاري
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪي…
02 Jun 2026
 چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏ
چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي…
02 Jun 2026
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائيور گرفتار
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائي…
02 Jun 2026