وائيٽ هائوس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڊاڪٽر جو هڪ يادداشت نامو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽرمپ جي هٿ تي نظر ايندڙ زخم جي وضاحت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اهو به دعويٰ ڪيو ويو آهي ته ٽرمپ 26 مئي تي والٽر ريڊ نيشنل ملٽري ميڊيڪل سينٽر ۾ پنهنجي سالياني طبي معائني کانپوءِ بهترين صحت ۾ آهن۔
ميڊيا رپورٽن موجب يادداشت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ جي دل جي صحت به سٺي آهي، جنهن جو بنياد جديد اليڪٽرروڪارڊيوگرام تجزيي تي رکيو ويو آهي۔
يادداشت نامي ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرمپ ذهني امتحان ۾ 30 مان مڪمل 30 نمبر حاصل ڪيا، جڏهن ته سندن اعصابي جاچ ۾ به ڪا غيرمعمولي ڳالهه سامهون نه آئي۔
يادداشت نامي موجب ٽرمپ جي هٿ تي نظر ايندڙ زخم جو سبب بار بار هٿ ملائڻ آهي، ۽ ان کي اسپرين ٿراپي جو هڪ عام اثر قرار ڏنو ويو آهي۔
ٽرمپ جو وزن 238 پائونڊ درج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته هو دل جي بيمارين کان بچاءَ لاءِ اسپرين سان گڏ ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪندڙ ٻه دوائون به استعمال ڪن ٿا۔
يادداشت نامي ۾ ٽرمپ کي سربراهه مملڪت طور پنهنجا سمورا فرض انجام ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي صحتمند ۽ اهل قرار ڏنو ويو آهي۔