ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

موسميات کاتي موجب سڀاڻي تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ وچولي کان شديد گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته صوبي جي ڪجهه ضلعن ۾ ڪن هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان هلڪي کان وچولي برسات پوڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو ويو آهي۔

انهيءَ صورتحال جي اثر هيٺ قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، دادو، شهيد بينظير آباد ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو۔

جڏهن ته ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڄامشورو ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي۔

شديد گرمي ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ اولهه وارين هوائن سبب پهرين جون تي قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان هلڪي کان وچولي برسات پوڻ جو امڪان آهي۔

ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ آلو رهڻ جو امڪان آهي، جتي وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو۔

صبح جو نمي جو تناسب 80 سيڪڙو ۽ شام جو 70 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي۔ موسميات کاتي موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران سمنڊ مان ايندڙ ڏکڻ اولهه واريون هوائون مڪمل طور سرگرم رهي سگهن ٿيون۔


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
 اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز جنگل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو
اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز…
22 May 2026
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
23 May 2026
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو…
25 May 2026
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
30 May 2026
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو۔
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين…
30 May 2026
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار، هيليڪاپٽر ڪري تباهه؛ مڙس فوت
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار،…
01 Jun 2026
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊي…
01 Jun 2026
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪ…
02 Jun 2026
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي وئي
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي…
02 Jun 2026