ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو

سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو


سعودي عرب ۾ حج 2026 لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن مان ايندڙ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو آهي۔

سعودي وزارت حج و عمره موجب مختلف ملڪن مان حاجين جي آمد تيزي سان جاري آهي، جڏهن ته مڪه مڪرمه، مدينه منوره ۽ مشاعر مقدسه ۾ انتظامن کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي۔

حڪام جو چوڻ آهي ته هن سال جديد ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل نگراني، طبي سهولتن ۽ ٽرانسپورٽ نظام کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي ته جيئن حاجين کي وڌ کان وڌ سهولت ملي سگهي۔ سعودي سول ڊفينس، هلالِ احمر ۽ سيڪيورٽي ادارا پڻ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ تي آهن۔

ٻئي طرف سعودي وزارت داخله غير قانوني حج ۽ بغير اجازت نامي جي مڪي ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي۔ اختيارين موجب حج انتظامن کي محفوظ ۽ منظم رکڻ لاءِ سخت نگراني جاري رهندي۔

هوڏانهن دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل وڏي انگ ۾ حاجي مسجد الحرام ۽ مسجد نبوی ۾ عبادتن ۽ حج جي تيارين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ لکين زائرين جي آمد متوقع آهي۔



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
 اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز جنگل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو
اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز…
22 May 2026
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو…
25 May 2026
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برس…
30 May 2026
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
30 May 2026
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو۔
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين…
30 May 2026
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار، هيليڪاپٽر ڪري تباهه؛ مڙس فوت
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار،…
01 Jun 2026
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊي…
01 Jun 2026
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪ…
02 Jun 2026
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي وئي
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي…
02 Jun 2026