ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي

ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي

ڪوالالمپور: ملائيشيا 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نئين رجسٽريشن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هي قدم ٻارن کي نقصانڪار آن لائن مواد ۽ سوشل ميڊيا جي منفي اثرن کان بچائڻ لاءِ کنيو ويو آهي.

Malaysia Communications and Multimedia Commission موجب نون ضابطن تي عملدرآمد سومر کان شروع ٿي ويو آهي، جنهن تحت سوشل ميڊيا پليٽفارمز کي نون استعمال ڪندڙن جي عمر جي تصديق سرڪاري رڪارڊ ذريعي ڪرڻي پوندي.

نئون قانون Facebook، Instagram، TikTok ۽ YouTube سميت ٻين مشهور پليٽفارمز تي لاڳو ٿيندو. جيڪڏهن ڪنهن ڪمپني انهن ضابطن تي عمل نه ڪيو ته ان تي هڪ ڪروڙ رنگٽ (تقريباً 25 لک آمريڪي ڊالر) تائين جرمانو لڳائي سگهجي ٿو.

حڪومت جو چوڻ آهي ته هن قدم جو مقصد ٻارن کي انٽرنيٽ کان پري رکڻ نه پر سوشل ميڊيا ڪمپنين، والدين ۽ سرپرستن جي ذميوارين کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي ته جيئن گهٽ عمر وارن کي محفوظ آن لائن ماحول ملي سگهي.

اختيارين موجب موجوده صارفين جي عمر جي تصديق جو عمل به شروع ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سوشل ميڊيا ڪمپنين کي ڇهن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي.

حڪومت خاص طور تي اهڙي مواد خلاف قدم کڻي رهي آهي جيڪو نسلي يا مذهبي تڪرار کي وڌائي يا ملڪ جي ادارن ۽ بادشاهت خلاف اشتعال پيدا ڪري.

ملائيشيا هاڻي انهن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪي ٻارن جي آن لائن حفاظت لاءِ سخت قانون لاڳو ڪري رهيا آهن.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
 اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز جنگل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو
اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز…
22 May 2026
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
23 May 2026
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو…
25 May 2026
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برس…
30 May 2026
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
30 May 2026
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو۔
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين…
30 May 2026
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار، هيليڪاپٽر ڪري تباهه؛ مڙس فوت
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار،…
01 Jun 2026
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪ…
02 Jun 2026
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي وئي
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي…
02 Jun 2026