آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان معاهدو اڃا مڪمل طور تي طئي ناهي ٿيو ۽ اهو اڳوڻي صدر اوباما جي معاهدي جي بلڪل ابتڙ هوندو۔ آمريڪي ٽي وي چينل اي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته معاهدي کي اڃا تائين ڪنهن به ناهي ڏٺو ۽ نه ئي ڪنهن کي خبر آهي ته ان ۾ ڇا شامل آهي، تنهن ڪري بنا ڄاڻ تنقيد ڪندڙن تي ڌيان نه ڏنو وڃي۔ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته مون کان اڳ وارن کي اهو مسئلو گهڻو اڳ حل ڪرڻ گهرجي ها، ايران بابت رڳو سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو ۽ ايران سان ڊيل مڪمل طور تي انهن تي منحصر آهي۔ هن اهو به چيو ته ايران سان ڳالهين جو عمل منظم ۽ تعميري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي۔