پاڪستاني آفيسرن جو اهم ڊيٽا ٻاهرين ملڪن کي وڪرو ڪرڻ وارو گينگ بي نقاب ٿي ويو آهي، جنهن جي 4 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔
ڊائريڪٽر جنرل نيشنل سائبر ڪرائم انوسٽيگيشن ايجنسي سيد خرم علي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ڏکڻ پاڪستان مان هڪ گينگ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستان جي اهم آفيسرن جو ڊيٽا وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث هو۔
هن گينگ جا 4 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انهن ماڻهن جو به پتو لڳايو پيو وڃي جيڪي ملزمن کي ڊيٽا تائين رسائي فراهم ڪري رهيا هئا۔
ڊي جي اين سي سي آءِ اي موجب ملزمان آفيسرن جون ڪال رڪارڊز، شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ ٻيون حساس معلومات حاصل ڪندا هئا۔ گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ ارشد طارق، ارحم باري، انعم صابر ۽ محمد رضوان شامل آهن، جن جي موبائل فونز جو فرانزڪ پڻ ڪيو ويو آهي۔
پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملزمان غير ملڪي خفيه ايجنسين سان حساس ڊيٽا شيئر ڪرڻ ۾ ملوث هئا، جيڪو منظم جاسوسي ۽ سائبر ڪرائم جي دائري ۾ اچي ٿو۔
سيد خرم علي چيو ته ڊيٽا تائين رسائي ڏيندڙ ماڻهن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، ۽ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڊيٽا کي وڌيڪ محفوظ بڻايو وڃي۔
هن ٻڌايو ته ملازمن جون اي ميلون به چيڪ ڪيون پيون وڃن ته معلوم ٿي سگهي ته ڊيٽا ڪيئن حاصل ٿي رهيو هو، ۽ ان معاملي ۾ ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن۔