چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثي واري ڪردار جو عالمي سطح تي به اعتراف ڪيو پيو وڃي۔ آمريڪي ٽي وي سي بي ايس نيوز موجب فيلڊ مارشل جي تهران دوري ڳالهين کي حتمي نتيجي تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده صورتحال ۾ خليجي ملڪ ۽ لبنان جنگ جو حصو آهن، پر رڳو پاڪستان ئي مسودي کي آخري شڪل ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو۔ رپورٽ موجب تهران مان واپسي بعد مجوزه مسودو ايراني ۽ آمريڪي قيادت ڏانهن جائزي لاءِ موڪليو ويو، جڏهن ته فيلڊ مارشل کي ٻنهي ملڪن جو اعتماد حاصل آهي۔ سي بي ايس نيوز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ماضي ۾ به آمريڪا ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪو آهي۔