ڀارت ۾ هڪ عورت پنهنجي بواءِ فرينڊ سان ملي مبينا طور پنهنجي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب ديو ڪمار گنجن نالي شخص رياست بهار ۾ بجلي کاتي ۾ ٽيڪنيشن طور ڪم ڪندو هو ۽ ٽرين وسيلي پنهنجي زال سميتا ڪماري سان ملڻ وڃي رهيو هو. رپورٽن موجب، کگڙيا ضلعي جي بدلا گهاٽ واري علائقي ڀرسان نامعلوم هٿياربند کيس گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جي جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته سميتا ڪماري سپول ۾ موٽر وهيڪل انسپيڪٽر طور مقرر هئي ۽ اجيت ڪمار نالي شخص سان سندس مبينا تعلق هو. پوليس موجب، ٻنهي ديو ڪمار کي پنهنجي رستي جي رڪاوٽ سمجهندي راجو ڪمار نالي ڪرائي جي قاتل جون خدمتون حاصل ڪيون، جنهن ٽرين ۾ ديو ڪمار کي گولي هڻي قتل ڪيو. پوليس ڪارروائي ڪندي عورت ۽ سندس مبينا بواءِ فرينڊ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته راجو ڪمار جو اڳ به ڏوهاري رڪارڊ موجود آهي ۽ هو هڪ ڪيس ۾ جيل به وڃي چڪو آهي