ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن، ان سان فلسطينين جي مدد ۽ علائقي ۾ امن ممڪن ٿيندو: پاسدارانِ انقلاب

اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن، ان سان فلسطينين جي مدد ۽ علائقي ۾ امن ممڪن ٿيندو: پاسدارانِ انقلاب

ايران جي پاسدارانِ انقلاب اردن جي عوام جي نالي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اردن جا شهري پنهنجي سرزمين تان آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن.

بيان موجب، ايران اڄ اردن ۾ موجود ان آمريڪي هوائي اڏي کي نشانو بڻايو، جتان ايران خلاف حملا ڪيا ويا هئا. پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي ته آمريڪي جارحيت جي شروعاتي ڏينهن انهن اڏن تان ٿيندڙ حملن ۾ ميناب ۾ 186 ٻار ۽ استاد شهيد ٿيا هئا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايران آمريڪي فوجي ڪاررواين جو جواب ڏنو آهي ۽ ايران کي نه اردن سان ۽ نه ئي اردن جي عوام سان ڪا دشمني آهي، بلڪه اردني عوام جو احترام ڪيو وڃي ٿو.

پاسدارانِ انقلاب موجب، اردن جا ماڻهو فلسطينين جي ڏک ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين کي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سمجهن ٿا. بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اسرائيلي رياست غزه ۾ 20 هزار ٻارن سميت 70 هزار فلسطينين کي قتل ڪيو، جنهن ۾ آمريڪا جي سڌي مداخلت جو به ذڪر ڪيو ويو.

بيان جي آخر ۾ اردن جي عوام کي اپيل ڪئي وئي ته هو آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي لاءِ آواز بلند ڪن. پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته اهڙي مطالبي سان فلسطينين جي مدد ۽ خطي ۾ امن جي بحالي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اردن جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ويو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا جو ايران کان آبنائي هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ جو عوامي اعلان ڪرڻ جو مطالبو، ڌمڪي پڻ ڏئي ڇڏي
آمريڪا جو ايران کان آبنائي هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ جو …
11 Jul 2026
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لا…
11 Jul 2026
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 9 ورهين جي نينگري سميت وڌيڪ 6 فلسطيني شهيد
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائ…
13 Jul 2026
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني ڄائو قطر مان گرفتار، آمريڪا حوالي
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني …
14 Jul 2026
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم فوت، 8 زخمي: اماراتي وزارت دفاع
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم …
14 Jul 2026
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊ…
15 Jul 2026
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج …
16 Jul 2026
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪ…
16 Jul 2026
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ تي پابندي تي غور
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ…
17 Jul 2026
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران هڪ آمريڪي خاتون قيدي کي آزا
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي …
17 Jul 2026