ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

واشنگٽن مان آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ جي امڪان تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. اخبار موجب آمريڪي عملدارن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته صدر ٽرمپ آبنائي هرمز جي ويجهو واقع ايراني ٻيٽن تي زميني فوج لاهي قبضو ڪرڻ جي آپشن جو جائزو وٺي رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران کي جلد شڪست ڏني ويندي، ايران ڳالهين جو خواهشمند آهي ۽ معاملو حل ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته آمريڪا مناسب وقت تي فيصلو ڪندو ته ڪو معاهدو ڪرڻو آهي يا نه. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران بائيڊن حڪومت دوران گرفتار ڪيل هڪ آمريڪي عورت کي آزاد ڪيو آهي، جنهن کي هو خيرسگالي جو قدم قرار ڏين ٿا. ايراني پلن تي حملن جي ڊيڊ لائين بابت سوال تي ٽرمپ چيو ته کيس اهڙيون ڊيڊ لائينون ڏيڻ پسند ناهي، جڏهن ته ايران کي پنهنجو رويو بهتر بڻائڻ گهرجي. واضح رهي ته آمريڪي فوج ايران تي هڪ ڀيرو ٻيهر حملا ڪيا آهن. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب انهن حملن جو هدف آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن لاءِ خطرو بڻجندڙ ايراني فوجي صلاحيتون هيون. ايراني ميڊيا موجب سيريڪ، اهواز، چابهار ۽ بندر عباس ۾ ڌماڪا ٿيا آهن، جڏهن ته تازن آمريڪي حملن ۾ 7 ايراني فوجي ۽ 30 شهري مارجي وڃڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا جو ايران کان آبنائي هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ جو عوامي اعلان ڪرڻ جو مطالبو، ڌمڪي پڻ ڏئي ڇڏي
آمريڪا جو ايران کان آبنائي هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ جو …
11 Jul 2026
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لا…
11 Jul 2026
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 9 ورهين جي نينگري سميت وڌيڪ 6 فلسطيني شهيد
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائ…
13 Jul 2026
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني ڄائو قطر مان گرفتار، آمريڪا حوالي
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني …
14 Jul 2026
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن، ان سان فلسطينين جي مدد ۽ علائقي ۾ امن ممڪن ٿيندو: پاسدارانِ انقلاب
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن…
14 Jul 2026
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم فوت، 8 زخمي: اماراتي وزارت دفاع
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم …
14 Jul 2026
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊ…
15 Jul 2026
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪ…
16 Jul 2026
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ تي پابندي تي غور
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ…
17 Jul 2026
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران هڪ آمريڪي خاتون قيدي کي آزا
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي …
17 Jul 2026