ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران هڪ آمريڪي خاتون قيدي کي آزا

تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران هڪ آمريڪي خاتون قيدي کي آزا

تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران هڪ آمريڪي خاتون قيدي کي آزاد ڪيو آهي.

ايراني سرڪاري خبر رساں اداري موجب ايران جي عدليه واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به آمريڪي قيدي کي نه آزاد ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن سان قيدين جي مٽاسٽا ڪئي وئي آهي.

عدليه جي ذريعن موجب، ٽرمپ جي بيان جي ابتڙ، ايران جي جيلن مان ڪنهن به آمريڪي قيدي يا مبينا جاسوس کي آزاد ڪرڻ يا ڪنهن سان مٽاسٽا ڪرڻ وارو ڪو به واقعو پيش نه آيو آهي.

واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم تي دعويٰ ڪئي هئي ته ايران بائيڊن حڪومت جي دور ۾، سال 2024ع دوران گرفتار ٿيل هڪ آمريڪي خاتون کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ اهو به چيو هو ته آمريڪا ايران جي هن قدم کي خيرسگالي جي علامت طور ڏسي ٿو.

پر ايراني عدليه جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران اهڙو ڪو به آمريڪي قيدي يا مبينا جاسوس سامهون نه آيو، جيڪو ٽرمپ جي بيان يا ان سان لاڳاپيل ڪنهن به تفصيل سان مطابقت رکي.

ايراني اختيارين هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو آهي ته ٽرمپ جو بيان حقيقتن تي ٻڌل ناهي ۽ ايران جي جيلن مان ڪنهن به آمريڪي شهري کي آزاد يا مٽاسٽا نه ڪيو ويو آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا جو ايران کان آبنائي هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ جو عوامي اعلان ڪرڻ جو مطالبو، ڌمڪي پڻ ڏئي ڇڏي
آمريڪا جو ايران کان آبنائي هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ جو …
11 Jul 2026
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لا…
11 Jul 2026
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 9 ورهين جي نينگري سميت وڌيڪ 6 فلسطيني شهيد
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائ…
13 Jul 2026
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني ڄائو قطر مان گرفتار، آمريڪا حوالي
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني …
14 Jul 2026
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن، ان سان فلسطينين جي مدد ۽ علائقي ۾ امن ممڪن ٿيندو: پاسدارانِ انقلاب
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن…
14 Jul 2026
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم فوت، 8 زخمي: اماراتي وزارت دفاع
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم …
14 Jul 2026
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊ…
15 Jul 2026
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج …
16 Jul 2026
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪ…
16 Jul 2026
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ تي پابندي تي غور
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ…
17 Jul 2026