ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ

ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ

ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ ڪڊنڪولم سان لاڳاپيل وڏي مقدار ۾ حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ ٿي وئي آهي. پرڏيهي خبر رساں اداري رائٽرز موجب، رينسم ويئر گروپ ورلڊ ليڪس دعويٰ ڪئي آهي ته هن ريلائنس گروپ مان حاصل ڪيل ڊيٽا شايع ڪئي آهي، جنهن ۾ تنصيبات جي ڪجهه حصن جا نقشا، سپلائرز جون تفصيلون، گڏجاڻين ۽ معائنن جو رڪارڊ، سامان جي جائزي ۽ انشورنس پاليسين سميت اهم معلومات شامل آهي.

رپورٽ موجب ڪڊنڪولم ايٽمي پاور پلانٽ ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ واقع آهي ۽ ملڪ جي ستن ايٽمي پاور پلانٽن مان سڀ کان وڏو آهي. پلانٽ جي يونٽ 3 ۽ يونٽ 4 جي انفراسٽرڪچر جي تعمير جو ٺيڪو ريلائنس انفراسٽرڪچر وٽ آهي، جيڪي اڃا تعمير هيٺ آهن ۽ 2027ع تائين فعال ٿيڻ جي اميد آهي.

ريلائنس گروپ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڊيٽا سينٽر سروس فراهم ڪندڙ يوٽا جي سرور ۾ جزوي دراندازي ٿي آهي ۽ واقعي بابت حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر ٿيل ڊيٽا بابت تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهڙو حساس ڊيٽا غلط هٿن ۾ وڃي ٿو ته ان سان پلانٽ جي معاون نظامن، سپلائرز ۽ سيڪيورٽي جي ممڪن ڪمزورين بابت اهم ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا جو ايران کان آبنائي هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ جو عوامي اعلان ڪرڻ جو مطالبو، ڌمڪي پڻ ڏئي ڇڏي
آمريڪا جو ايران کان آبنائي هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ جو …
11 Jul 2026
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لا…
11 Jul 2026
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 9 ورهين جي نينگري سميت وڌيڪ 6 فلسطيني شهيد
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائ…
13 Jul 2026
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني ڄائو قطر مان گرفتار، آمريڪا حوالي
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني …
14 Jul 2026
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن، ان سان فلسطينين جي مدد ۽ علائقي ۾ امن ممڪن ٿيندو: پاسدارانِ انقلاب
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن…
14 Jul 2026
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم فوت، 8 زخمي: اماراتي وزارت دفاع
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم …
14 Jul 2026
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج …
16 Jul 2026
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪ…
16 Jul 2026
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ تي پابندي تي غور
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ…
17 Jul 2026
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران هڪ آمريڪي خاتون قيدي کي آزا
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي …
17 Jul 2026