آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم فوت، 8 زخمي: اماراتي وزارت دفاع
متحده عرب امارات جي وزارتِ دفاع موجب آبنائے هرمز ۾ ٻن اماراتي آئل ٽينڪرن تي مبينا طور ايراني ڪروز ميزائلن سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀارتي عملي جو ميمبر فوت ٿي ويو، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿيا.
وزارتِ دفاع موجب حملو آبنائے هرمز جي ڏاکڻي سامونڊي رستي تي ان وقت ٿيو، جڏهن ٻئي آئل ٽينڪر عمان جي سامونڊي حدن اندر موجود هئا.
وزارت موجب فوت ٿيل ملازم آئل ٽينڪر مومباسا بي تي سوار هو، جڏهن ته زخمين مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. زخمين ۾ 6 ڀارتي ۽ 2 يوڪريني شهري شامل آهن.
ابوظهبي نيشنل آئل ڪمپني جي شپنگ اداري ADNOC L&S پڻ تصديق ڪئي ته خام تيل کڻي ويندڙ جهاز مومباسا بي ۽ البهيه آبنائے هرمز مان گذرڻ دوران نشانو بڻيا، جنهن سبب ٻنهي جهازن کي نقصان پهتو.
اماراتي وزارتِ دفاع موجب حملن کانپوءِ ٻنهي ٽينڪرن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سان مالي نقصان ٿيو، جڏهن ته باهه تي بعد ۾ ضابطو آندو ويو.
ٻئي طرف ڀارت جي پرڏيهي وزارت حملي کانپوءِ نئين دهلي ۾ ايران جي نائب سفير کي طلب ڪيو آهي.
هوڏانهن ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آبنائے هرمز ۾ ٻن سپر ٽينڪرن کي نشانو بڻائي ناکاره بڻائي ڇڏيو. پاسداران موجب انهن جهازن ڪيترين ئي وارننگن کي نظرانداز ڪيو، پنهنجا نيويگيشن سسٽم بند ڪيا ۽ اهڙي سامونڊي رستي تان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي بارودي سرنگن وارو علائقو قرار ڏنو ويو هو.
تنهن هوندي به، پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ جهازن جا نالا ظاهر نه ڪيا ۽ نه ئي اها وضاحت ڪئي ته ڇا اهي ساڳيا ٽينڪر هئا جن جو ذڪر اماراتي وزارتِ دفاع پنهنجي بيان ۾ ڪيو آهي.