ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني ڄائو قطر مان گرفتار، آمريڪا حوالي
ڊيلاس: آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ موبائل فون، ٽيبليٽ، ليپ ٽاپ ۽ ٻين قيمتي اليڪٽرانڪ ڊوائيسز جي مبينا چوري، فراڊ، اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ سان لاڳاپيل وڏي ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني ڄائي 28 ورهين جي عبدالله انور کي قطر مان آمريڪا حوالي ڪيو ويو آهي، جتي ايف بي آءِ کيس ٽيڪساس جي جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي اٽارني آفيس فار ايسٽرن ڊسٽرڪٽ آف ٽيڪساس موجب، ڪراچي سان تعلق رکندڙ عبدالله انور تي چوري ٿيل سامان کي رياستي ۽ بين الاقوامي واپار ذريعي منتقل ڪرڻ، ميل فراڊ، وائر فراڊ ۽ مني لانڊرنگ جي سازش جا الزام آهن.
وفاقي اختيارين موجب عبدالله انور کي اڳ آمريڪي عدالت مان ضمانت ملي هئي، پر هو بعد ۾ آمريڪا ڇڏي پاڪستان هليو ويو. بعد ۾ قطر پهچڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 10 جولاءِ 2026 تي آمريڪا حوالي ڪيو ويو، جتي هو هن وقت ڪولن ڪائونٽي جيل ۾ حراست هيٺ آهي.
ايف بي آءِ موجب، آمريڪي انصاف واري کاتي جي Office of International Affairs ۽ قطري اختيارين جي سهڪار سان گرفتاري ۽ حوالگي جو عمل مڪمل ڪيو ويو، جنهن تي قطر جي گهرو وزارت ۽ پبلڪ پراسيڪيوشن جو به شڪريو ادا ڪيو ويو.
جاچ موجب هي ڪيس "آپريشن ڪيش آئوٽ" جو حصو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي وفاقي، رياستي ۽ مقامي ادارن گڏيل ڪارروائي ڪئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته هن مبينا نيٽ ورڪ ذريعي لڳ ڀڳ 70 هزار چوري ٿيل موبائل فون، ٽيبليٽ، ليپ ٽاپ ۽ اسمارٽ واچون، جن جي ماليت لڳ ڀڳ 100 ملين آمريڪي ڊالر هئي، پرڏيهه موڪليون ويون.
ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل دعويٰ ڪئي آهي ته هي نيٽ ورڪ گذريل پنجن سالن دوران هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان سان به لاڳاپيل رهيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.
قانوني وضاحت: آمريڪي قانون موجب فردِ جرم لاڳو ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڏوهه ثابت ٿي ويو آهي. سڀئي جوابدار ان وقت تائين بيگناهه تصور ڪيا ويندا آهن، جيستائين عدالت ۾ سندن خلاف الزام قانوني طور ثابت نه ٿي وڃن.