ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
28 ترميم بابت اڃا ڪا ڳالهه ناهي ٿي، پر پ پ جي حمايت کانسواءِ نه بجيٽ پاس ٿيندي نه ترميم: بلاول ڀٽو

28 ترميم بابت اڃا ڪا ڳالهه ناهي ٿي، پر پ پ جي حمايت کانسواءِ نه بجيٽ پاس ٿيندي نه ترميم: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 28 هين آئيني ترميم بابت اڃا تائين ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، سڀاڻي جي خبر ناهي، پيپلز پارٽي جي حمايت کانسواءِ آئيني ترميم ۽ بجيٽ پاس نٿي ڪري سگهجي.

اسلام آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو.

بلاول حڪومت سان بجيٽ ڳالهين لاءِ پيپلز پارٽي جي 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ راجا پرويز اشرف، سليم مانڊوي والا، شيري رحمان ۽ نويد قمر شامل آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته پاڪ-ڀارت جنگ کانپوءِ وزيراعظم امن ڪميٽي جي سربراهي مون کي ڏني، جنهن ۾ مون عالمي ميڊيا تي ڀارتي بيانئي کي شڪست ڏني.

هن چيو ته آمريڪا ايران جنگ ۽ ڳالهين بابت کيس ڪا به آڇ ناهي ڪئي وئي، پر اِهو وقت پري ناهي جڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿينديون. وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي درست رخ ۾ وڃي رهي آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته اسان جا يو اي اي ۽ سعودي عرب سان سٺا لاڳاپا آهن، سعودي عرب سان دفاعي معاهدي سبب لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته پاڪستان ايران تي حملن جي مذمت ڪئي، يو اي اي، ايران ۽ سعودي عرب سان پاڪستان جا آزاداڻا لاڳاپا آهن.

پ پ چيئرمين چيو ته اسان 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميم ۾ صوبن لاءِ حق ورتا، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۽ آئيني عدالت ۾ صوبن جي نمائندگي پيپلز پارٽي جي ڪري ٿي.

هن چيو ته 28 هين ترميم بابت ڪا به ڳالهه سامهون اچڻ تي ئي ردعمل ڏيندس، پاڪستاني عوام مشڪل ۾ آهي ۽ کين رليف ڏيڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته پيٽرول بابت موٽرسائيڪل سوارن کي رليف ڏنو پيو وڃي.

هن حڪومت تي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ تي تنقيد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته وزيراعظم عالمي مارڪيٽ موجب اگهه وڌايا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ مالي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ عوام لاءِ مشڪلاتون هونديون، تنهن ڪري حڪومت کي رليف جو فيصلو معاشي حالتن کي ڏسي ڪرڻو پوندو.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي وئي۔
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏ…
30 May 2026
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪ…
30 May 2026
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه ايم پي ايز ناراض، ناراض ميمبرن جو اجلاس جلد ٿيڻ جو امڪان
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه …
30 May 2026
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
30 May 2026
 جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان 2
جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برس…
01 Jun 2026
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سبب اليڪٽرڪ بس سروس جزوي طور متاثر
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سب…
01 Jun 2026
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
01 Jun 2026
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪيترا چالان ٿيا؟ رپورٽ جاري
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪي…
02 Jun 2026
 چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏ
چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي…
02 Jun 2026
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائيور گرفتار
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائي…
02 Jun 2026