ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثر هيٺ، گرمي جي شدت معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان، الرٽ رهڻ جي هدايت

پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثر هيٺ، گرمي جي شدت معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان، الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب وڌيڪ 9 ماڻهو فوت ٿي ويا، ٻن ڏينهن ۾ مجموعي طور فوتين جو انگ 15 تائين پهچي ويو، شهر ۾ گرمي جي لهر انساني زندگيون ڳڙڪائڻ لڳي آهي، مختلف علائقن مان وڌيڪ 9 ماڻهن جا لاش مليا آهن، جنهن کان پوءِ ٻن ڏينهن ۾ گرمي سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 15 ٿي ويو، ڇيپا ۽ ريسڪيو ذريعن موجب شهر جي مختلف هنڌن تان مليل لاشن بابت شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهي ماڻهو سخت گرمي ۽ لوءَ لڳڻ سبب فوت ٿيا آهن، ريسڪيو عملدارن موجب ڪلفٽن بوٽ بيسن سپر مارڪيٽ ويجهو 60 ورهين جي شخص جو لاش مليو، لياقت آباد نمبر 10 پل هيٺان 50 ورهين جو شخص مرده حالت ۾ مليو، جڏهن ته سپر هاءِ وي جمالي پل ۽ شيل پمپ ويجهو 45 ورهين جي شخص جو لاش هٿ آيو،سرجاني ٽائون اسڪيم 33 ويجهو مليل لاش جي سڃاڻپ 50 ورهين جي در محمد ولد بابر نواز طور ٿي، بلديه ٽائون اسپارڪو روڊ طيبه مسجد ويجهو 55 ورهين جي عبدالودود ولد علي جو لاش مليو، جڏهن ته نارٿ ڪراچي ۾ هڪ نمازي نماز دوران ڪري فوت ٿي ويو، ريسڪيو موجب ٻين لاشن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي ۽ قانوني ڪارروائي بعد انهن کي سرد خاني منتقل ڪيو ويو، ڪراچي ۾ سڄو ڏينهن سخت گرمي رهي، موسميات کاتي موجب سامونڊي هوائون بند ٿيڻ ۽ بلوچستان جون گرم هوائون هلڻ سبب شهر ۾ سخت گرمي ۽ حبس واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، گذريل ڏينهن گرمي پد 40.9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو، چيف ميٽيرولاجسٽ انجم نذير موجب اڄ کان گرمي ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي ۽ پارو 38 ڊگري تائين رهي سگهي ٿو، جڏهن ته 7 مئي کان سنڌ ۾ ٻيهر هيٽ ويو جو امڪان آهي ۽ 13 مئي کان پوءِ ڪراچي ۾ ٻيهر گرمي وڌي سگهي ٿي.


پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثر هيٺ آهي:اين ڊي ايم اي

اسلام آباد(بيورو) نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو آهي ته هن وقت سڄي دنيا موسمياتي تبديليءَ جي سخت اثرن هيٺ آهي، جنهن سبب ڌرتيءَ جو گرمي پد مسلسل وڌي رهيو آهي۔ميڊيا بريفنگ دوران هن چيو ته پاڪستان به هن عالمي ماحولياتي بحران کان سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن صورتحال اهڙي ئي رهي ته ايندڙ وقتن ۾ ان جا وڌيڪ سنگين نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا۔هن موجب گرمي پد ۾ واڌ نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهي آهي۔چيئرمين اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته گليشيئرز جو تيزيءَ سان پگھلڻ جو عمل شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪو مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ قدرتي آفتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔هن چيو ته ماهرن موجب هلندڙ سال گرمي جي شدت معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ بروقت ۽ اثرائتي تياري انتهائي ضروري آهي۔هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان انهن ملڪن مان آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ عالمي سطح تي ان کي چوٿون سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ قرار ڏنو وڃي ٿو۔هن زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو آهي، جنهن جا اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري، گڏيل ۽ مؤثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي، نه ته ايندڙ سالن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي۔


ملڪ ۾ گرمي جي لهر برقرار، ڪراچي ۾ پارو 43 ڊگري

اسلام آباد/ ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهي، جڏهن ته ڏکڻ وارن علائقن ۾ سخت گرمي اڃا به جاري رهڻ جو امڪان، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هلندڙ سال جو گرم ترين ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو، ڪراچي ۾ سج ڄڻ ته باهه وسائي رهيو هو، جتي هلندڙ سال جو سڀ کان وڌيڪ گرم ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو ۽ 15 سالن جو گرمي جو رڪارڊ ٽٽي ويو، پنجاب جي ڪجهه علائقن، اپر خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، آچر ڏينهن کان سڀ کان وڌيڪ گرمي جيڪب آباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته لسٻيله، تربت، دادو، پڊعيدن، موهن جو دڙو ۽ حيدرآباد ۾ 45 ڊگري رڪارڊ ٿيو، ڊيرا غازي خان، ملتان ۽ بهاولپور ۾ 40 ڊگري، ڪراچي ۾ 38، لاهور ۾ 37، اسلام آباد، ڪوئيٽا ۽ مظفرآباد ۾ 34، پشاور ۾ 33 ۽ گلگت ۾ 24 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، شهر ۾ سخت گرمي جو راڄ برقرار آهي ۽ پارو 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، موسميات کاتي موجب هن وقت هوا ۾ نمي جو تناسب صرف 7 سيڪڙو آهي، جڏهن ته اتر اولهه کان گرم ۽ خشڪ هوائون 19 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، گذريل رات گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.


ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ هيٽ ويو جي صورتحال جو امڪان:موسميات کاتو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) موسميات کاتي پاڪستان مئي، جون ۽ جولاءِ لاءِ موسمي اڳڪٿي (موسمي آؤٽ لُڪ) جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن بابت اهم خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي۔رپورٽ موجب ملڪ جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ معمول کان گهٽ برساتن جو امڪان آهي، جنهن سبب خريف جي فصلن کي نقصان پهچڻ جو انديشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔ خاص طور تي باراني علائقن ۾ پوک کي وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو۔ٻئي پاسي اتر وارن علائقن ۾ اضافي برساتن سبب پاڻي جي ذخيرن ۾ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ فليش فلڊ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو به موجود آهي۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي شهري علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ هيٽ ويو جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي۔موسميات کاتي موجب گرمي پد ۾ تيزي سان واڌ، آنديون، مٽيءَ جا طوفان ۽ ژالہ باري جو به خطرو موجود آهي، جيڪو فصلن، انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ نظام کي متاثر ڪري سگهي ٿو۔گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ گرمي پد وڌڻ سبب برف پگھلڻ جي رفتار تيز ٿيندي، جنهن سان گليشيئر سان لاڳاپيل خطرا ۽ دريائن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ جو امڪان آهي۔رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وڌندڙ گرمي پد سبب حشرات ۽ بيمارين ۾ واڌ جو خطرو آهي، خاص طور تي ڊينگي سميت ویکٽر ذريعي پکڙجندڙ بيمارين ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو۔



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي وئي۔
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏ…
30 May 2026
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪ…
30 May 2026
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه ايم پي ايز ناراض، ناراض ميمبرن جو اجلاس جلد ٿيڻ جو امڪان
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه …
30 May 2026
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
30 May 2026
 جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان 2
جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برس…
01 Jun 2026
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سبب اليڪٽرڪ بس سروس جزوي طور متاثر
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سب…
01 Jun 2026
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
01 Jun 2026
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪيترا چالان ٿيا؟ رپورٽ جاري
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪي…
02 Jun 2026
 چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏ
چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي…
02 Jun 2026
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائيور گرفتار
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائي…
02 Jun 2026