صوبائي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ سرڪاري طور تي عيد جون 4 موڪلون هونديون
نوٽيفڪيشن مطابق عيدالاضحیٰ جي موقعي تي 26 مئي کان 29 مئي تائين موڪلون هونديون.
ياد رهي ته ٻن ڏينهن اڳ Federal Government of Pakistan پڻ عيدالاضحیٰ جي موڪلن جو اعلان ڪيو هو.
ڪيبينيٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي سطح تي عيدالاضحیٰ جون موڪلون 26، 27 ۽ 28 مئي تائين هونديون.