سنڌ هائیکورٹ جي آئيني بينچ مختلف سرڪاري منصوبن ۾ ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊهاڪ بنيادن تي ڀرتي ڪيل 85 کان وڌيڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي۔
عدالت ۾ مختلف سرڪاري منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪانٽريڪٽ ملازمن جي مستقلي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي۔ وڪيل موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذارن کي مقابلي واري عمل ذريعي مختلف منصوبن ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو ۽ انهن جون نوڪريون ڪيترن سالن تائين وڌايون وينديون رهيون۔
عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ريگيولرائيزيشن قانون تحت اهڙن ملازمن کي مستقل ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پاڻمرادو مستقل ٿيڻ جو بنيادي حق حاصل ناهي۔
عدالت وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي طرفان اهڙن ملازمن لاءِ خاص قانون سازي ڪئي وئي آهي، جيڪا سالن کان خدمتون انجام ڏيندڙ ملازمن کي تحفظ فراهم ڪري ٿي۔ حڪومت لاءِ لازمي آهي ته سڀني اهل ملازمن کي بنا امتياز قانون جو فائدو ڏئي۔
فيصلي ۾ چيو ويو ته حڪومت ڪانٽريڪٽ ملازمن جي مستقلي واري قانون تي ڪنهن به قسم جي امتيازي عمل کان پاسو ڪري۔ عدالت 85 کان وڌيڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي معاملو اهليت جي جانچ لاءِ سندھ پبلک سروس کمیشن ڏانهن موڪلي ڇڏيو۔