ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
ايران خلاف ٿيندڙ جنگ خطي کان ٻاهر به ڦهلبي: پاسدارانِ انقلاب

ايران خلاف ٿيندڙ جنگ خطي کان ٻاهر به ڦهلبي: پاسدارانِ انقلاب

ايراني انقلابي محافظن خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران خلاف جنگ مڙهي وئي ته اها رڳو علائقي تائين محدود نه رهندي، پر سڄي خطي تائين به پکڙجي ويندي.

ايراني انقلابي محافظن جو چوڻ آهي ته گذريل جنگ ۾ هنن پنهنجي سڄي سگهه استعمال نه ڪئي هئي.

سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران تي ڪا به چڙهائي ڪئي وئي ته ايران جون نيون علائقائي ۽ پرڏيهه تائين پهچ رکندڙ سگهاريون صلاحيتون به استعمال ڪيون وينديون.

پاسداران انقلاب اهو به چيو ته هو پنهنجي سگهه رڳو سماجي رابطن جي ذريعن تي کوکلن بيانن وسيلي نه، پر جنگ جي ميدان ۾ ڏيکاريندا.

هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر ڏاڍ مڙهيو ويو ته جنگ دوران سکيل تجربن جي آڌار تي اڃا به وڌيڪ حيران ڪندڙ جواب ڏنا ويندا.

واضح رهي ته اسرائيل اڳ ئي چيو هو ته هو ايران خلاف امڪاني نئين جنگ جي تيارين ۾ آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران وٽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ رڳو ڪجهه ڏينهن بچيا آهن، نه ته آمريڪا ٻيهر فوجي چڙهائي ڪري سگهي ٿو.

اسرائيلي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سلامتي اجلاس گهرايو، جنهن ۾ فوج ۽ هوائي فوج جي اڳواڻن سميت اهم بچاءَ وارن عملدارن شرڪت ڪئي.

گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ ايران تي امڪاني نئين آمريڪي حملي جي صورت ۾ اسرائيل جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي وئي۔
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏ…
30 May 2026
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪ…
30 May 2026
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه ايم پي ايز ناراض، ناراض ميمبرن جو اجلاس جلد ٿيڻ جو امڪان
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه …
30 May 2026
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
30 May 2026
 جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان 2
جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برس…
01 Jun 2026
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سبب اليڪٽرڪ بس سروس جزوي طور متاثر
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سب…
01 Jun 2026
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
01 Jun 2026
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪيترا چالان ٿيا؟ رپورٽ جاري
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪي…
02 Jun 2026
 چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏ
چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي…
02 Jun 2026
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائيور گرفتار
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائي…
02 Jun 2026