ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
پاڻي ڪروڙين پاڪستانين جي زندگي جو مسئلو آهي، ڀارتي آبي جارحيت برداشت نه ڪبي: صدر زرداري

پاڻي ڪروڙين پاڪستانين جي زندگي جو مسئلو آهي، ڀارتي آبي جارحيت برداشت نه ڪبي: صدر زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان خطي ۾ توازن ۽ استحڪام جي علامت بڻجي اڀريو آهي.

ايوانِ صدر مان جاري ڪيل بيان موجب، صدر معرڪه حق جي سالگرهه تي قوم ۽ هٿياربند فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته ان ڪاميابي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت، حڪمت عملي ۽ جرئتمنداڻي فيصلن جو بنيادي ڪردار رهيو.

هن پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي پيشيوراڻين مهارت ۽ اعليٰ صلاحيتن کي ساراهيو، جڏهن ته پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ بحري فوج جي مڪمل آپريشنل تيارين کي پڻ قومي سلامتي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏنو.

صدر زرداري چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ امن پسند ملڪ آهي، جنهن دشمن جي جارحيت جو اثرائتو ۽ متوازن جواب ڏئي پنهنجي دفاعي صلاحيت دنيا آڏو واضح ڪئي.

هن چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن پٽاندر حل ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

صدر چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪوشش آبي جارحيت جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي ڪروڙين پاڪستانين جي زندگي سان جڙيل مسئلو آهي.

هن افغانستان تي زور ڀريو ته هو پنهنجي سرزمين کي پاڪستان يا خطي جي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي، جڏهن ته ٻاهرين حمايت يافتا دهشتگردي جو خاتمو خطي جي امن لاءِ اڻٽر آهي.

آصف علي زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن سان پاڪستان خطي ۾ توازن ۽ استحڪام جي هڪ مضبوط علامت طور سامهون آيو آهي، جڏهن ته ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو.

صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي وئي۔
سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏ…
30 May 2026
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو
نوان بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ جو امڪان؛ سولر پينل ۽ اليڪ…
30 May 2026
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه ايم پي ايز ناراض، ناراض ميمبرن جو اجلاس جلد ٿيڻ جو امڪان
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪجهه …
30 May 2026
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
پاڪستان اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو
30 May 2026
 جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان 2
جون تي وچولي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برس…
01 Jun 2026
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سبب اليڪٽرڪ بس سروس جزوي طور متاثر
ڪراچي ۾ چارجنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، بجلي بند ٿيڻ سب…
01 Jun 2026
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
پاڪستان ۾ يڪم محرم الحرام 17 جون تي ٿيڻ جو امڪان
01 Jun 2026
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪيترا چالان ٿيا؟ رپورٽ جاري
ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي پهرين ڏينهن ڪي…
02 Jun 2026
 چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏ
چالان ٿيڻ تي رکشا ڊرائيور پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي…
02 Jun 2026
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائيور گرفتار
ڪراچي ۾ ميان زال کي ڪچلڻ بعد فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائي…
02 Jun 2026