ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
يورپ وڃڻ جي خواهش ۾ گذريل 4 ورهين دوران 335 پاڪستاني سمنڊ جي حوالي ٿي ويا

يورپ وڃڻ جي خواهش ۾ گذريل 4 ورهين دوران 335 پاڪستاني سمنڊ جي حوالي ٿي ويا

اسلام آباد: يورپي ملڪن وڃڻ جي ڪوشش دوران ٻيڙين جي حادثن ۾ گذريل چئن ورهين دوران 335 پاڪستاني پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا. ايف آءِ اي جي دستاويزن موجب، جون 2023 کان هينئر تائين 7 وڏا ۽ جان ليوا ٻيڙي حادثا پيش اچي چڪا آهن. ايتري وڏي جاني نقصان باوجود غيرقانوني طريقن سان يورپ وڃڻ جون ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته انساني اسمگلنگ جا نيٽ ورڪ ماڻهن کي اڃا تائين اهڙن خطرناڪ سفرن لاءِ آماده ڪري رهيا آهن.

رپورٽ موجب، ٻيڙين جي حادثن ۾ ٿيندڙ اهي موت ڊنڪي جي خطرناڪ رستن بابت هڪ ڀيرو ٻيهر وڏا سوال اٿاري رهيا آهن. جون 2023 ۾ يونان ويندڙ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ 226 پاڪستاني سوار هئا، جن مان 207 فوت ٿي ويا، جڏهن ته 19 ڄڻا بچي ويا.

ڊسمبر 2024 ۾ يونان ويندڙ هڪ ٻي ٻيڙي به حادثي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ 69 پاڪستاني سوار هئا. ان حادثي ۾ 25 پاڪستاني فوت ٿيا، جڏهن ته 44 ڄڻن کي بچايو ويو.

ايف آءِ اي دستاويزن موجب، جنوري 2025 ۾ مراڪش ڀرسان پيش آيل ٻيڙي حادثي ۾ 70 پاڪستاني سوار هئا، جڏهن ته فيبروري 2025 ۾ ليبيا ڀرسان پيش آيل ٻيڙي حادثي ۾ 40 پاڪستانين جي سڃاڻپ ٿي، جن مان 23 فوت ۽ 13 ڄڻا بچي ويا.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته 2025 ۽ 2026 دوران ليبيا کان ڊنڪي هڻندي ٻيڙيون ٻڏڻ جا 4 وڏا حادثا پيش آيا. فيبروري، اپريل ۽ آڪٽوبر 2025 ۽ اپريل 2026 ۾ پيش آيل انهن حادثن ۾ 102 پاڪستاني متاثر ٿيا، جن مان 71 فوت جڏهن ته 30 ڄڻا بچي ويا.

ايف آءِ اي موجب، ايتري وڏي جاني نقصان باوجود غيرقانوني طريقي سان يورپ وڃڻ جون ڪوششون نه رڪجي سگهيون آهن، جڏهن ته انساني اسمگلنگ جا منظم نيٽ ورڪ ماڻهن کي اڃا تائين اهڙن خطرناڪ سفرن تي وڃڻ لاءِ آماده ڪري رهيا آهن.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪا…
15 Jul 2026
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل، في الحال وڌيڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي …
16 Jul 2026
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ميڊيا تي اچڻ تي پابندي
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کان…
16 Jul 2026
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام سائيٽن تي چوري جون وارداتون
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام س…
17 Jul 2026
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 د…
17 Jul 2026
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
17 Jul 2026
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواس…
17 Jul 2026
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدار بئنڪن ٻاهران ڦرن ۽ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ به ملوث هجڻ جي دعويٰ
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدا…
17 Jul 2026
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جي اڳڪٿي
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز ه…
17 Jul 2026
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪ…
17 Jul 2026