ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ

استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ


اسلام آباد: استنبول کان اسلام آباد ايندڙ هڪ غير ملڪي ايئرلائن جي پرواز کي آذربائيجان جي فضائي حدن ۾ فني خرابي پيش اچڻ بعد ايمرجنسي قرار ڏئي باڪو ايئرپورٽ تي محفوظ لينڊ ڪرايو ويو.

ايويئيشن ذريعن موجب، پرواز استنبول کان اسلام آباد اچي رهي هئي ته آذربائيجان جي فضائي حدن ۾ جهاز ۾ فني خرابي پيدا ٿي وئي.

فلائيٽ ريڊار 24 موجب جهاز کي گلوبل نيويگيشن سيٽلائيٽ سسٽم (GNSS) جا سگنل ملڻ بند ٿي ويا، جنهن بعد ايئربس اي 330 جي پائلٽ ايمرجنسي پيغام جاري ڪيو.

ذريعن موجب، ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول جي هدايتن تي پائلٽ جهاز کي باڪو ايئرپورٽ تي محفوظ طريقي سان لاٿو.

رپورٽن موجب، هي پرواز اسلام آباد ايئرپورٽ تي رات 3 لڳي 35 منٽن تي لهڻ واري هئي، پر ايمرجنسي لينڊنگ سبب دير ٿي وئي. مسافرن کي جهاز مان لاهي ٽرمينل منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته جهاز جي فني خرابي دور ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو.

بعد ۾ باڪو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ ڪندڙ پرواز جا مسافر لڳ ڀڳ اٺن ڪلاڪن ۽ اڌ جي دير کان پوءِ اسلام آباد پهتا، جڏهن ته استنبول واپس ويندڙ ساڳي پرواز به تقريباً نو ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ سراسري مهانگائي 8.4 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳائي ڇڏيو
آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ سراسري مهانگائي 8.4 سيڪڙو ره…
15 Jul 2026
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪا…
15 Jul 2026
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل، في الحال وڌيڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي …
16 Jul 2026
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ميڊيا تي اچڻ تي پابندي
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کان…
16 Jul 2026
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام سائيٽن تي چوري جون وارداتون
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام س…
17 Jul 2026
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 د…
17 Jul 2026
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
17 Jul 2026
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواس…
17 Jul 2026
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدار بئنڪن ٻاهران ڦرن ۽ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ به ملوث هجڻ جي دعويٰ
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدا…
17 Jul 2026
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جي اڳڪٿي
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز ه…
17 Jul 2026