ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل، في الحال وڌيڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي

مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل، في الحال وڌيڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي

جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل ڪئي آهي ته هو في الحال ڪنهن به نئين قدم کان پاسو ڪري ۽ ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏئي ته جيئن ڳالهين ذريعي اڳڀرائي ممڪن بڻائي سگهجي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته راولاڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي گذريل هڪ مهيني کان ڌرڻو هڻي ويٺي آهي ۽ پنهنجي مطالبن جي منظوري لاءِ حڪومت سان ڳالهين جو مطالبو ڪري رهي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ان دوران ڪجهه ناخوشگوار واقعا پيش آيا، جنهن سبب ماحول ۾ تلخي پيدا ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ڌرڻي ۽ مطالبن جو پارليامينٽ ۾ به ذڪر ٿيو ۽ ڪميٽي کيس ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي هن سندن اعتماد جو شڪريو ادا ڪيو. هن ٻڌايو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا سعيد يوسف خان ۽ قبائلي شخصيت ڪامران اعظم خان مسلسل ساڻس رابطي ۾ رهيا. مولانا فضل الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ سندس رابطو ٿيو، جنهن ٻڌايو ته هو حڪومت سان ڳالهين وسيلي مسئلي جو پرامن حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ خونريزي يا فسادن کان بچڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري کيس ڪجهه وڌيڪ وقت جي ضرورت آهي. مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل ڪئي ته هو ڪجهه ڏينهن صبر ڪري ته جيئن مثبت اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهي، جيڪا پاڪستان، ڪشمير ۽ ٻنهي علائقن جي عوام وچ ۾ اعتماد جي بحالي لاءِ اهم هوندي.

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ سراسري مهانگائي 8.4 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳائي ڇڏيو
آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ سراسري مهانگائي 8.4 سيڪڙو ره…
15 Jul 2026
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪا…
15 Jul 2026
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ميڊيا تي اچڻ تي پابندي
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کان…
16 Jul 2026
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام سائيٽن تي چوري جون وارداتون
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام س…
17 Jul 2026
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 د…
17 Jul 2026
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
17 Jul 2026
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواس…
17 Jul 2026
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدار بئنڪن ٻاهران ڦرن ۽ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ به ملوث هجڻ جي دعويٰ
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدا…
17 Jul 2026
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جي اڳڪٿي
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز ه…
17 Jul 2026
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪ…
17 Jul 2026