ڪراچي: پاڪستان جي موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب عرب سمنڊ مان نمي واريون هوائون مسلسل ملڪ جي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي انهن هوائن جي شدت ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي.
کاتي موجب اولهه وارين هوائن جو هڪ نئون سلسلو سومر ڏينهن ملڪ جي اترين علائقن ۾ داخل ٿيندو، جنهن سبب ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 18 کان 25 جولاءِ تائين تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ 19 کان 23 جولاءِ تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسلام آباد، راولپنڊي، مري ۽ لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ به تيز هوائن سان گڏ برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ان کان علاوه ژوب، بارخان، موسيٰ خيل، لورالائي، سبي ۽ زيارت ۾ پڻ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته 20 کان 25 جولاءِ تائين خيبر پختونخوا، مري، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو پڻ موجود آهي.
ٻئي طرف سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ سخت ٻوسٽ وارو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر، مٺي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ 20 کان 22 جولاءِ تائين برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ نمي وارو رهندو، جڏهن ته ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽي تي ايندڙ ٽن ڏينهن دوران آسمان جزوي طور ابر آلود رهڻ ۽ هلڪي بونداباندي جو امڪان آهي. ان کان علاوه ڇنڇر ۽ آچر تي ڪراچي ۾ تيز هوائون هلڻ جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.