ڪراچي: ڪلفٽن جي علائقي ٽن تلوارن ويجهو ڦرلٽ دوران ڊاڪٽر آڪاش کي گولي هڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن بابت جاچ دوران نوان انڪشاف سامهون آيا آهن.
جاچ ڪندڙ اختيارين موجب، گرفتار ٽن جوابدارن اسلم عرف بابا، رام چند ۽ انيل کان واقعي بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ دوران جوابدارن ٻڌايو ته ڦورو ٽولي جو مبينا سرغڻو اسلم عرف بابا آهي، جڏهن ته ٽولي جا ٻيا ساٿي به قائد آباد جا رهواسي آهن.
جاچ دوران جوابدارن اهو به ٻڌايو ته 13 جولاءِ تي ڪلفٽن ٽن تلوارن ويجهو ٿيل واردات ۾ اسلم عرف بابا سميت ٻيا ساٿي ۽ هڪ عورت پڻ شامل هئي.
تحقيقاتي اختيارين موجب، جاچ دوران اها به دعويٰ سامهون آئي آهي ته گرفتار جوابدار بئنڪن جي ٻاهران رقم ڦرڻ ۽ واپارين کان ڦرلٽ جي ٻين واقعن ۾ به ملوث رهيا آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا اعلان ڪيو هو ته ڊاڪٽر آڪاش کي ڦرلٽ دوران گولي هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.