ڪراچي ۾ سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ ميڊيا بريفنگ، انٽرويو ۽ ٻين عوامي پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ آءِ جي سنڌ جي اڳواٽ اجازت لازمي قرار ڏني وئي آهي. آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي اي آءِ جي آپريشنز طرفان جاري ڪيل هدايت نامي موجب ڪو به پوليس آفيسر آءِ جي سنڌ جي اڳواٽ منظوري کانسواءِ ٽي وي، ريڊيو، پوڊ ڪاسٽ، پريس ڪانفرنس يا ڪنهن به ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم تي سرڪاري حيثيت ۾ شرڪت نٿو ڪري سگهي. هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته اجازت حاصل ڪندڙ آفيسر رڳو منظور ٿيل ايجنڊا تائين ئي پنهنجي ڳالهه محدود رکندا. ان سان گڏ جاري جاچ، انٽيليجنس ۽ آپريشنل معاملن بابت حساس معلومات ظاهر ڪرڻ تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. سڀني نگران آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي انهن حڪمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائين، جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف کاتيوار ڪارروائي پڻ ڪئي وڃي سگهي ٿي.