ڪراچي: موسميات کاتي اپريل کان جون تائين پري مون سون سيزن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هلندڙ سال ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان 13 سيڪڙو وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون، جڏهن ته مجموعي طور هي سيزن معمول موجب رهيو.
رپورٽ موجب اپريل مهيني دوران ملڪ ۾ معمول کان 65 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون، جن مئي ۽ جون ۾ برساتن جي گهٽتائي جو خسارو پورو ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي مهينن دوران برساتن ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي.
موسميات کاتي موجب اپريل کان جون تائين ملڪ ۾ سراسري طور 73 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 1961ع کان پوءِ هلندڙ سال جو اپريل ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون آڻيندڙ مهينو ثابت ٿيو. اپريل دوران پنجاب ۾ معمول کان 109 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 169 سيڪڙو وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته مئي مهيني دوران ملڪ ۾ معمول کان 22 سيڪڙو گهٽ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ ۾ 98 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 80 سيڪڙو گهٽ برسات ٿي. جون مهيني ۾ به ملڪ ۾ برساتون معمول کان 19 سيڪڙو گهٽ رهيون، جڏهن ته سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ برساتن جي کوٽ برقرار رهي.