اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) اندازو لڳايو آهي ته مالي سال 2026–27 دوران پاڪستان ۾ سراسري مهانگائي 8.4 سيڪڙو رهندي، جيڪا حڪومتي هدف ۽ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندي.
آءِ ايم ايف پنهنجي پاڪستان بابت جاري ڪيل ڪنٽري رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايندڙ چئن مالي سالن دوران مهانگائي موجوده مالي سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ لڳاتار پنجن سالن تائين سراسري مهانگائي سنگل ڊجيٽ ۾ رهڻ جو به اندازو لڳايو آهي. گذريل ٻن مالي سالن دوران به ملڪ ۾ سراسري مهانگائي سنگل ڊجيٽ ۾ رهي، جڏهن ته ايندڙ پنجن سالن تائين به ان جي سنگل ڊجيٽ ۾ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.