ممبئي: بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي خاندان جي سڀني ڀاتين کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏي رهائشي منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، عامر خان ممبئي جي مهانگن علائقن مان هڪ پالي هل ويجهو واقع بيلا وسٽا ۽ مرينا اپارٽمينٽس جي ٻن رهائشي منصوبن جي نئين سر تعمير ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اطلاعن موجب، انهن سڀني اپارٽمينٽن کي گڏائي هڪ وڏي اسڪائي ولا تعمير ڪئي ويندي.
رپورٽن موجب، عامر خان اڳ ئي بيلا وسٽا ۾ ڪيترن ئي اپارٽمينٽن جو مالڪ آهي ۽ نئين رهائشي منصوبي لاءِ لڳ ڀڳ 100 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نئين رهائشگاهه ۾ خانداني تقريبن لاءِ وڏو هال ۽ ضرورت مطابق رهائشي جايون پڻ تعمير ڪيون وينديون. هڪ فلور کي انٽرٽينمينٽ زون طور تيار ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻيو فلور عامر خان جي پٽ جنيد خان لاءِ مخصوص هوندو.
اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته عامر خان پاڻ پنهنجي نئين گهرواري گوري اسپرٽ ۽ سندس پٽ سان گڏ ٻن فلورن تي رهائش اختيار ڪندو، جڏهن ته خاندان جي ٻين ڀاتين کي به ساڳئي رهائشي ڪمپليڪس ۾ الڳ الڳ اپارٽمينٽ ڏنا ويندا.
رپورٽن موجب، انهن اپارٽمينٽن ۾ عامر خان جي والده زينت حسين، ڀينرن نکهت خان ۽ فرحت خان دتہ سان گڏ سندس اڳوڻي گهرواري ڪرن رائو ۽ پٽ آزاد لاءِ پڻ الڳ اپارٽمينٽ رکڻ جو منصوبو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، نئين رهائشي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين عامر خان عارضي طور پالي هل ويجهو هڪ اپارٽمينٽ ۾ منتقل ٿي ويو آهي.