ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس

منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس


پاڪستان جي سينيئر اداڪار وسيم عباس پنهنجي ٻي شادي ۽ پوءِ ٿيل طلاق بابت ڪجهه اهم انڪشاف ڪيا آهن.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ انٽرويو ۾ وسيم عباس اداڪارا صبا حميد سان پنهنجي ازدواجي زندگي ۽ عليحدگي بابت ڳالهائيندي چيو ته سندن شادي 29 سال هلي، جنهن کانپوءِ ٻنهي باهمي رضامندي سان طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته سندس دعائون اڄ به صبا حميد سان گڏ آهن ۽ هو چاهي ٿو ته هوءَ هميشه خوش رهي.

وسيم عباس چيو ته ضروري ناهي ته هر ختم ٿيندڙ رشتي ۾ هڪ ڌر صحيح ۽ ٻي غلط هجي، ڪيترين ئي حالتن ۾ ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح هوندا آهن ۽ ٻنهي وٽ پنهنجا جائز سبب هوندا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته سخت ۽ ناخوشگوار زندگي گذارڻ بدران مناسب وقت تي عزت ۽ احترام سان الڳ ٿي وڃڻ بهتر هوندو آهي. وسيم عباس موجب سندن گڏيل ڪو به ٻار نه هو، سندس پهرين شادي مان چار ۽ صبا حميد جي پهرين شادي مان ٻه ٻار هئا، جڏهن ته شادي وقت ٻنهي اهو فيصلو ڪيو هو ته گڏيل اولاد نه ڪندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ وسيم عباس چيو ته صبا حميد سان سندس ڪا به ناراضگي ناهي، اڄ به جيڪڏهن ڪٿي ملاقات ٿئي ٿي ته خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڊرامي ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته هو خوشي سان گڏ ڪم ڪندا.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽ…
09 Jul 2026
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيتن ۽ مداحن پاران تعزيت
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيت…
10 Jul 2026
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مهانگن اگهن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مها…
13 Jul 2026
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏي رهائشي منصوبي جو فيصلو
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏ…
13 Jul 2026
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ ره…
14 Jul 2026
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لا…
15 Jul 2026
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي…
16 Jul 2026
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل …
16 Jul 2026
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوشل ميڊيا ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي تجويز
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوش…
16 Jul 2026
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي مذهب بابت ٻڌائي ڇڏيو
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي …
17 Jul 2026