ڀارتي ميڊيا موجب هندو انتهاپسند اڳواڻ جگد گرو پرمهنس آچاريه بالي ووڊ اداڪار عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽن موجب، مهاراشٽرا جي وزير نتیش راني عامر خان کي سندس شادين جي حوالي سان "لو جهاد جو برانڊ ايمبيسيڊر" قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ نئون تڪرار شروع ٿيو. آچاريه وزير جي بيان جي حمايت ڪندي دعويٰ ڪئي ته عامر خان جون هندو عورتن سان شاديون "لو جهاد" کي هٿي ڏيڻ لاءِ هيون. ميڊيا رپورٽن موجب هن چيو ته جيڪو به عامر خان کي قتل ڪري سندس سر کڻي ايندو، ان کي 5 ڪروڙ رپيا نقد انعام ڏنو ويندو، جڏهن ته قتل ڪندڙ جا قانوني خرچ به پاڻ برداشت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن قدمن سان ان عمل جي حوصلا شڪني ٿيندي، جنهن کي هو "لو جهاد" قرار ڏئي ٿو.