ڀارتي اداڪارا شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي آخرڪار خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، گذريل هفتي ٻنهي اداڪارن هڪ سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي. تقريب کان پوءِ راگھو جيويل کي شہناز گل کي هجوم کان بچائيندي گاڏي ڏانهن وٺي ويندي ڏٺو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي اداڪارن جي ڊيٽنگ بابت افواهن زور وٺي ورتو. تازو هڪ انٽرويو دوران جڏهن شہناز گل کان راگھو جيويل سان ڊيٽنگ بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو ته "راگھو منهنجو تمام سٺو دوست آهي، مهرباني ڪري مون کان اهڙا ذاتي سوال نه پڇيا وڃن." ان سان گڏ هن مداحن کي مخاطب ڪندي چيو ته سندس دوست جي فلم "ڀائي تيرا اسٽار آهي" جلد رليز ٿي رهي آهي، تنهن ڪري سڀ ان جي ڀرپور حمايت ڪن. هن چيو ته راگھو منهنجو تمام سٺو دوست آهي، هو پهريون ڀيرو هيرو طور وڏي اسڪرين تي اچي رهيو آهي، سندس تعلق فلم انڊسٽري سان ناهي، پر هو پنهنجي محنت سان هتي پهتو آهي، تنهن ڪري سندس فلم جي ڪاميابي تمام ضروري آهي. واضح رهي ته شہناز گل ۽ راگھو جيويل سال 2023ع ۾ سلمان خان جي فلم "ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان" ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.