بالي ووڊ اداڪار گووندا جي گهرواري سنيتا آہوجا دوکي جي افواهن باوجود پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ جو سبب بيان ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، سنيتا آہوجا نيٽ فلڪس جي ريئلٽي شو "Lock Upp" ۾ شرڪت ڪئي، پر طبي سببن جي ڪري هوءَ شو ڇڏيندڙ پهرين شرڪت ڪندڙ بڻجي وئي. شو دوران هن گووندا بابت گردش ڪندڙ افواهن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
تازو هڪ ڳالهه ٻولهه دوران سنيتا آہوجا چيو ته هوءَ ڪنهن به صورت ۾ گووندا جو ساٿ نه ڇڏيندي، جيتوڻيڪ سندن رشتي ۾ اعتماد ۽ محبت کي ڪيترائي ڀيرا آزمائشن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
سندس چوڻ هو ته "ڀروسو تمام وڏي شيءِ آهي. مون کي نٿو لڳي ته فلم انڊسٽري جو ڪو به هيرو مڪمل طور بي داغ هوندو. اهي اڪثر اداڪارائن سان وقت گذاريندا آهن، تنهن ڪري هر ڳالهه جو دارومدار محبت ۽ اعتماد تي هوندو آهي."
سنيتا وڌيڪ چيو ته "اداڪار جي زال بڻجڻ کانپوءِ دل کي مضبوط رکڻو پوندو آهي. مون 15 ورهين جي عمر ۾ گووندا سان محبت ڪئي هئي، اڄ مان 56 ورهين جي آهيان ۽ اڄ به کيس اوترو ئي پيار ڪريان ٿي. مون کيس ڪيترائي ڀيرا معاف ڪيو آهي، ۽ شايد مون کان به ڪي غلطيون ٿيون هجن."
واضح رهي ته سنيتا آہوجا ۽ گووندا جي طلاق بابت خبرون ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪنديون رهيون آهن، پر ٻنهي طرفان گڏ رهڻ جو اظهار بار بار سامهون ايندو رهيو آهي.