ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو

ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو

آئل ڪمپنين ملڪ ۾ پيٽرول جي ممڪن کوٽ بابت خبردار ڪندي حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي. ڪمپنين جو چوڻ آهي ته هن وقت ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت جيترو پيٽرول جو ذخيرو باقي بچيو آهي. آئل ڪمپنين حڪومت کي آگاهه ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته پيٽرول (موٽر اسپرٽ/ايم ايس) جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي. 15 جولاءِ تي توانائي واري وزير (پيٽروليم ڊويزن) علي پرويز ملڪ ڏانهن موڪليل هڪ "انتهائي فوري" خط ۾ آئل ڪمپنين جي ايڊوائزري ڪائونسل (او سي اي سي) چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي فراهمي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آهي. ڪائونسل موجب هن وقت لڳ ڀڳ 3 لک 70 هزار ميٽرڪ ٽن موٽر اسپرٽ (ايم ايس) جو ذخيرو موجود آهي، جيڪو ملڪ جي لڳ ڀڳ 15 ڏينهن جي ضرورت پوري ڪري سگهي ٿو. آئل ڪمپنين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ويبوڪ ۾ دير سبب درآمد ٿيل پيٽرول جي ڪليئرنس متاثر ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ٽي درآمدي پيٽرول ڪارگو وقت تي نه پهتا ته سپلائي کي سخت ڌڪ لڳي سگهي ٿو. ان کان علاوه 66.7 ارب رپين جي ادائيگي نه ٿيڻ سبب آئل ڪمپنين کي شديد مالي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. صنعت سان لاڳاپيل ذريعن موجب گهٽ ذخيرن، درآمدي ايندھن جي ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ دير، طلب ۾ واڌ ۽ مالي دٻاءُ سبب پيٽرول جي فراهمي ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽ…
09 Jul 2026
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيتن ۽ مداحن پاران تعزيت
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيت…
10 Jul 2026
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مهانگن اگهن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مها…
13 Jul 2026
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏي رهائشي منصوبي جو فيصلو
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏ…
13 Jul 2026
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ ره…
14 Jul 2026
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لا…
15 Jul 2026
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي…
16 Jul 2026
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوشل ميڊيا ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي تجويز
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوش…
16 Jul 2026
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي مذهب بابت ٻڌائي ڇڏيو
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي …
17 Jul 2026