ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهيون ناڪام ناهن ٿيون،پرآمريڪا تي اعتبار ڪونهي:عباس عراقچي

پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهيون ناڪام ناهن ٿيون،پرآمريڪا تي اعتبار ڪونهي:عباس عراقچي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) برڪس اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ هو ته آبناءَ هرمز ۾ ر رنڊڪن جو ذميوار ايران ناهي، جنگ جي شروعات ناهي ڪئي اسان رڳو پنهنجو دفاع ڪيو، اسان جنگ بندي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، آبناءَ هرمز رڳو انهن ملڪن لاءِ بند آهي جيڪي ايران خلاف جنگ ۾ ملوث هئا.

هن چيو ته ايران ڪنهن به دٻاءُ ۽ ڪارروائي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪندو، 40 ڏينهن جي جنگ کانپوءِ آمريڪا کي ايران خلاف جارحيت مان ڪو به مقصد حاصل نه ٿيو ته پوءِ آمريڪا ڳالهين جي ڳالهه ڪئي، اسان کي آمريڪا تي قطعي ڀروسو ناهي، اسان وٽ آمريڪا تي اعتبار ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي.

عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ايران جي ڪنهن به معاملي جو فوجي حل ناهي، ايران سالن کان آمريڪا جي ظالماڻين پابندين جو منهن ڏئي رهيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته ايراني رڳو عزت جي ٻولي ڄاڻندا آهن، جيڪو فوجي ڪارروائي سان حاصل ناهي ٿي سگهيو اهو ڳالهين سان به حاصل نٿو ٿي سگهي، آمريڪا سان ڪنهن به معاهدي کان اڳ سڀ شيون واضح ٿيڻ گهرجن، موجودا ڳالهين ۾ اعتماد جي کوٽ آهي پر مون کي اُميد آهي ته حڪمت ۽ سفارتڪاري ڪامياب ٿينديون.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ ڳالهيون اڃا تائين ناڪام ناهن ٿيون، ان باوجود ڳالهين جي ڏکئي عمل مان گذري رهيا آهيون، ڳالهين جي عمل ۾ ڏکيائي جو وڏو اڪرڻ آمريڪي رويو ۽ اسان جي وچ ۾ موجود بي اعتمادي آهي، اسان هر ان ملڪ جي ڪوشش کي ساراهيون ٿا جيڪو مدد ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نٿو چاهي، 2015 جي معاهدي ۾ ثبوت ڏئي چڪا آهيون، اسان جو نيوڪليئر پروگرام پرامن مقصدن لاءِ آهي ۽ پرامن ئي رهندو.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
23 May 2026
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو…
25 May 2026
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برس…
30 May 2026
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
30 May 2026
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو۔
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين…
30 May 2026
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار، هيليڪاپٽر ڪري تباهه؛ مڙس فوت
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار،…
01 Jun 2026
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊي…
01 Jun 2026
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪ…
02 Jun 2026
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي وئي
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي…
02 Jun 2026