ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
افغان طالبان هرات ۾ عوام تي سختيون وڌيڪ وڌائي ڇڏيون

افغان طالبان هرات ۾ عوام تي سختيون وڌيڪ وڌائي ڇڏيون

افغانستان جي طالبان حڪومت هرات ۾ عوام تي سختيون وڌيڪ وڌائي ڇڏيون آهن.

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب ملا هيبت الله اخوندزاده جي هدايتن کانپوءِ طالبان پنهنجي سخت قانونن تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب هرات ۾ عورتن کي لباس ۽ مردن کي ڏاڙهي جي معاملي تي گرفتار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته خوف سبب ڪيترين ئي عورتن گهرن کان ٻاهر نڪرڻ گهٽائي ڇڏيو آهي.

رڳو ٻن ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ 30 عورتن کي لباس بابت قانونن جي مبينا ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقامي انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته هرات ۾ گرفتار عورتن جو انگ 200 کان به وڌي چڪو آهي.

طالبان حڪومت جي سخت پاليسين جو اثر ڇوڪرين جي تعليم تي پڻ پئجي رهيو آهي، ۽ طالبان جي خوف سبب ڪيترن ئي والدين پنهنجين ڌيئرن کي اسڪول موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب عاشوري جي موقعي تي طالبان شيعه برادري جي مذهبي رسمن ۽ جلوسن تي به پابنديون لاڳو ڪيون، جڏهن ته افغانستان جي شيعه برادري اڃا تائين سرڪاري نمائندگي کان محروم آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪا…
15 Jul 2026
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل، في الحال وڌيڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي …
16 Jul 2026
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ميڊيا تي اچڻ تي پابندي
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کان…
16 Jul 2026
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام سائيٽن تي چوري جون وارداتون
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام س…
17 Jul 2026
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 د…
17 Jul 2026
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
17 Jul 2026
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواس…
17 Jul 2026
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدار بئنڪن ٻاهران ڦرن ۽ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ به ملوث هجڻ جي دعويٰ
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدا…
17 Jul 2026
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جي اڳڪٿي
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز ه…
17 Jul 2026
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪ…
17 Jul 2026