ڪراچي: زرعي ترقياتي بئنڪ پنجاب کان ماضي ۾ قرض وٺندڙ زميندارن کي مفت ٽريڪٽر ڏيڻ جو لالچ ڏئي فراڊ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي
تفصيل موجب مختلف موبائل فون نمبرن تان عورتون پاڻ کي ڪمپني جون آفيسر ڄاڻائي ڪال ڪن ٿيون ۽ شهرين کي سندن اڳوڻن قرضن جو حوالو ڏئي مفت ٽريڪٽر ڏيڻ جي آڇ ڪن ٿيون.
ان دوران شهرين کي فون تي هولڊ ڪرائي مفت ٽريڪٽر جي آن لائن بڪنگ جو جعلي عمل ڏيکاريو وڃي ٿو. ڳالهه ٻولهه دوران شهرين جي موبائل فون تي هڪ ڪوڊ موڪليو وڃي ٿو ۽ ٽريڪٽر جي بڪنگ جو جواز ڄاڻائي واٽس ايپ هيڪ ڪري ورتي وڃي ٿي.
ماضي ۾ اهڙي ٺڳي مرد ڪندا هئا، پر هاڻي پرڪشش آواز واريون ڇوڪريون پڻ هن ڪم ۾ استعمال ڪيون پيون وڃن.
موصول ٿيل ڪوڊ ذريعي ٻئي موبائل فون تي واٽس ايپ کوليو وڃي ٿو، جنهن کانپوءِ ايڊريس بڪ ۾ موجود ماڻهن کي پيغام موڪلي رقمون وصول ڪيون وڃن ٿيون.
شهرين جو چوڻ آهي ته اهڙن گروهن جو نيٽ ورڪ سرڪاري ادارن تائين به پکڙيل آهي، جيڪي بئنڪن جو ڊيٽا حاصل ڪري ماڻهن کي ٺڳي جو نشانو بڻائين ٿا.